ڀولا ڪلهوڙا1

ڀولا ڪلهوڙا: هي ڳوٺ قنبر کان ڏکڻ طرف 10 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي وڳڻ لاڙڪاڻي روڊ جي اتر 200 گهرن تي مشتمل آهي. اولھه ۾ چانڊيا ڪلهوڙا، اتر ۾ گٺ شاخ (نصير شاخ)، ڏکڻ ۾ گهوگهارو ۽ اوڀر ۾ نئون ڳوٺ آهي. هن ڳوٺ کي يونين ڪائونسل ٻير ۾ ديھه جي حيثيت حاصل آهي. هي ڳوٺ 55-1750ع ڌاري ڪلهوڙن آباد ڪيو، جيڪو 87-1786ع ڌاري ”ڀولا ڪلهوڙا“ جي نالي سان سڏجڻ لڳو. مقامي روايتن موجب 1782ع ۾ ڪلهوڙن جي اقتدار جي زوال کان پوءِ جڏهن ٽالپر سنڌ جا حڪمران بڻيا، تڏهن جاگيرون کسجڻ بعد ڪلهوڙن جو شاهي خاندان سنڌ ڇڏي هليو ويو، باقي غريب خاندانن مان ڪن فقيري ۽ گداگري ڪئي ته ڪن ڀولڙا، رڇ ۽ ٻيا جانور پالڻ شروع ڪيا. جنھنڪري اهي اڳتي هلي، انھن جانورن جي نسبت سان مشھور ٿيا. هتي جيڪي ڪلهوڙا آباد هئا، اهي ڀولڙا پاليندا هئا، جنھنڪري ’ڀولائي ڪلهوڙا‘ مشھور ٿيا، جن پويان ڳوٺ تي اهو نالو پيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو